اڪرم علي ملاح

اڪرم علي ملاح: اڪرم علي ملاح ضلعي بدين جي شهر ترائي لڳ ڳوٺ خاشيءَ ۾ 1905ع ڌاري محمد ملاح جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس ڀاءُ محمد هاشم کي راڳ جي ٿوري گهڻي ڄاڻ هئي، جنهن کي ٻڌندي هن کي اُتان راڳ جو شوق جاڳيو. جهنگ جهر جهاڳيندو، گهمندو ڦرندو، آخر ڪجهه وقت کان پوءِ رئيس ڪريم بخش نظاماڻيءَ وٽ حاضري ڏنائين، جتي هر وقت راڳ رنگ جي محفل متل هوندي هئي. ان کان پوءِ دڙي ۾ حافظ فيض محمد وٽ راڳ جي 12، 13 سال رياضت ڪيائين. وري ميرپور بٺوري ۾ خانصاحب مبارڪ علي خان جي شاگرديءَ ۾ پڻ رهيو آهي، جتان هن راڳ بابت گهڻو ڪجهه پرايو. گهڻين ئي ڪچهرين ۾ حصو ورتائين، گهڻو ڪري سنڌ جي مشهور صوفي شاعرن شاهه لطيف، مصري شاهه، صاحبڏني فاروقي، سچل، حمل ۽ ٻين جا ڪلام ڳايائين. اڪثر محفلن ۾ سندس شاگرد مبارڪ ملاح ۽ غلام قادر راهي پڻ گڏ ڳائيندا هئا. هن 23 ڊسمبر 2004ع تي دفاع ڪئي. سندس مزار ترائي ڀرسان فتح شاهه جي قبرستان ۾ آهي.


لفظ اڪرم علي ملاحھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

2004.12.23  عيسوي

اڪرم علي ملاح: اڪبر علي ملاح اصل ويٺل شهر ترائي ، ضلعي -بدين- لڳ ڳوٺ خاشيءَ ۾ 1905ع ڌاري ڄائو. هن 23 ڊسمبر 2004ع تي دفاع ڪئي. سندس مزار ترائي ڀرسان فتح شاهه جي قبرستان ۾ آهي.



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ماسٽر فتح علي سمو
اسلم راهي
سينگار علي سليم
چاڪر چانڊيو
استاد نياز احمد خان
رتن جوتو مل ڇڳاڻي
ساهڙ فقير خاصخيلي
غلام علي سنديلو
عالم لوهار
حميد علي خان استاد
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون